پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي نئين روٽن جو افتتاح

پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي نئين روٽن جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سنڌ عبدالحليم شيخ ڪراچي ۾ پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي نئين روٽ جو افتتاح ڪيو.انتظاميا موجب پيپلز اليڪٽرڪ بس بحريا ٽائون کان ملير هالٽ تائين هلندي، شروعاتي طور تي ان روٽ تي 13 بسون هلايون پيون وڃن.جڏهن ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته وفاق وڌيڪ 300 بسون طلب ڪيون آهن، جون تائين بسن جو انگ 350 ٿي ويندو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عبدالحليم شيخ وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي ڪل 10 هزار بسن جي ضرورت آهي، وڏي وزير رستن کي بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي گرانٽ جي منظوري ڏني آهي.هن چيو ته بحريا ٽائون کان ملير هالٽ تائين جو ڀاڙو 100 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو