اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪرندو پيو وڃي.اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته عمران حڪومت جي واعدي خلافي سبب آءِ ايم ايف پروگرام معطل ڪيو ويو.هن چيو ته جڏهن اسان اپريل 2022ع ۾ حڪومت سنڀالي ته پاڪستان ڏيوالپڻي جي ڪناري تي هو. گذريل حڪومت خزاني کي تيل جي سستي سبسڊي ڏني هئي.مريم اورنگزيب موجب ان سبب قوم کي هر مهيني 100 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.هن چيو ته گذريل سال اسان جون درآمدات 80 ارب ڊالر ۽ برآمدات 31 ارب ڊالر هئي. اڳوڻي حڪومت 49 بلين ڊالر جو سڀ کان وڏو واپاري خسارو ۽ 17.5 بلين ڊالر جي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هلائي.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي چئن سالن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيو.










