اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته شرح سود ۾ اضافو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عارضي آهي.آءِ ايم ايف موجب يوڪرين تي روسي حملي سبب دنيا ۾ توانائي ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته شرح سود ۾ اضافو عارضي آهي ته جيئن مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهجي، مهانگائي گهٽ ٿيڻ کانپوءِ مرڪزي بئنڪ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪندا.ٻئي طرف آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽلڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب مهانگائي هدف کان وڌيڪ هوندي ترقي گهٽ رهندي.










