پريڪٽس ۽ پروسيجر بل سپريم ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

پريڪٽس ۽ پروسيجر بل سپريم ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.محمد شفيع منير ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايڪٽ کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي. ٻئي طرف وڪيل سعيد آفتاب به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بنيادي مطالبو رڳو آرٽيڪل 184 تحت ڏنل فيصلن خلاف اپيل جي حق جو هو، اپيل جو حق چيف جسٽس جا اختيار گهٽ ڪرڻ کانسواءِ ڏئي سگهجن ٿا، انٽرا ڪورٽ اپيل جو حق ڏئي سگهجي ٿو. هاءِ ڪورٽ جي طرز تي ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو