نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي.ڪيوي ٽيم پاڪستان جي دوري دوران 5 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي، نيوزيلينڊ جي قيادت ٽام ليٿم ڪندو.دوري تي آيل ٽيم 2 ڏينهن جي آرام کانپوءِ 13 اپريل تي پهريون ٽريننگ سيشن کيڏندي، ان ئي ڏينهن ٽي 20 سيريز جي ٽرافي جي پڻ رونمائي ڪئي ويندي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 14 اپريل تي کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچ 15 ۽ 17 اپريل تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.چوٿين ۽ پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو