ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) وزير اعلي سنڌ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف آهن، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران وزير اعلي سنڌ جي خاص مددگار لياقت آسڪاڻي ۽ اسپيشل اسسٽنٽ علي احمد جان جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن پاران سي اي او واٽر بورڊ کي ضلعي اولهه ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ پاران اڳواڻن کي گڏجاڻي دوران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجنيئر واٽر محمد حنيف بلوچ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز غلام محمد حب، محمد رياض، مصطفي مڱڻ سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کي موقعي تي حڪم جاري ڪندي پابند ڪيو تہ اڳواڻن پاران پيش ڪيل پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، سي اي او واٽر بورڊ ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو تہ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي.










