ڊاڪٽر اجمل جو قتل،سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج،انصاف جي گهر

ڊاڪٽر اجمل جو قتل،سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج،انصاف جي گهر

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) اڄ ڪراچي پريس ڪلب تي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل سيٺار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ نوجوان سنجي ڪمار پاران بک اسٽال لڳائي سنڌ ۾ رائج ٿيل قبائلي ۽ سرداري نظام خلاف احتجاج ڪيو. هن نوجوان اهي سمورا ڪتاب مفت ۾ ورهايا ان مقصد سان ته تعليم ذريعي ئي جهالت ۽ فرسوده نظام جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو

ايس ٽي پي جو ڪراچي ۾ احتجاج

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران  پروفيسر شهيد اجمل ساوند جي بي گناھ قتل تي حڪومتي خاموشي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاسي ڳوٺ جي مين بازار کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي   ڪراچي ڊويزنل جي اڳواڻ رجب علي مگسي فواداحمد لنڊ ,منٺار ٻگهيو,حاجي ممتازعلي رند بشير چانڊيو , عاشق مگسي ۽ ٻين چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي  هنن چيو ته اجمل ساوند جي قتل پٺيان اهي سنڌ دشمن قوتون آهن جيڪي سنڌ جي  پڙهيل لکيل نوجوانن کي هٿ وٺي قبائلي جهيڙن ۾  مارائڻ ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر عام ڪرڻ چاهين ٿيون ، هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پروفيسر شهيد اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي فورن گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي

عوامي ، سنڌياڻي ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جو احتجاج، قبيلائي نظام انسان دشمن قرار

حيدرآباد: انسان دشمن قبيلائي نظام ھٿان بيدردي سان قتل ڪيل پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف ۽ سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان مھراڻ سينٽر کان نسيم نگر چوڪ قاسم آباد حيدرآباد تائين مشعل بردار ريلي ڪڍ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اظھار دائودپوٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمرھ سمون، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، عوامي علمي ادبي فورم جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ادريس لغاري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شاھين خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪائنات حڪيم ھاليپوٽو، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سميع ابڙو، ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، ھاشم راڄپر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ آمريڪا نواز ضيائي ٽولي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ لاءِ ھڪ دفعو ٻيھر شھرن ۾ ايم ڪيو ايم جي مئل گھوڙي ۾ ساھ وڌو آھي ۽ ٻھراڙين ۾ قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام کي قبر مان ڪڍي سنڌي عوام مٿان مسلط ڪيو آھي. اجمل ساوند جو قتل ملڪ جي حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو آھي. دھشتگرد نواز پاليسين سبب سنڌ جو امن امان تباھ ٿي ويو آھي. قبيلائي جھيڙو ڪندڙ ڌرين ۽ ڌاريلن وٽ جديد ھٿيار ڪٿان آيا؟ آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ مھل کربين ڊالرن جا ھٿيار افغانستان ۾ ئي ڇڏي ويو، ڪٿي اھي ھٿيار سنڌ ۾ تھ اسمگل نٿا ٿين؟ ان معاملي تي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گھرجي ۽ ان جي رپورٽ عوام اڳيان پڌري ٿيڻ کپي. ھنن وڌيڪ چيو تھ جڏھن کان سنڌ ايپيڪس ڪميٽي سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي قبيلائي سردارن کي جرڳا ڪرڻ جا اختيار ڏنا آھن، تڏھن کان سنڌ ۾ قبيلائي دھشتگردي وڌي وئي آھي، ھن فيصلي جي ڪري ڪاروڪاري ۽ قبيلائي جھيڙن ۾ اضافو ٿيو آھي. سنڌ ۾ ھٿيار ۽ منشيات اسمگل ڪندڙ غيرملڪين کي شھرين واريون سھولتون ڏيڻ وارو نيشنل رفيوجيز بل 2023ع محسن داوڙ جي ذريعي عالمي سامراجي قوتن پارليامينٽ ۾ پيش ڪرائي سنڌ کي آمريڪا جي ھٿيارن جو اڏو بڻائي، ملڪ ۾ گھرو ويڙھ ڪرائڻ جي سازش سٽي آھي. اڳواڻن مطالبو ڪيو تھ مارشل لا جي باقيات ايپيڪس ڪميٽين کي ختم ڪري، سنڌ مان قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي ۽ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي فورن گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ان سان گڏ سنڌ جي شھرن ۾ پيدا ڪيل دھشگردن کي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ غيرقانوني طور سنڌ ۾ آيل سمورن پرڏيھين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽ غيرملڪين کي ملڪ جو شھري قرار ڏيڻ وارو محسن داوڙ جو بل ملڪ جي سالميت تي عالمي سامراجي قوتن جو حملو قرار ڏئي فورن رد ڪيو وڃي.

نئون ديرو ۾  صوفي فنڪارن ۽ شهرين جو احتجاج

نئون ديرو:نئون ديرو ۾  ڊاڪٽر اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل خلاف نئون ديرو ۾ صوفي فنڪارن ۽ شهرين پاران ٽئڪسي اسٽينڊ کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا.  احتجاج جي اڳواڻي صوفي فنڪار منور فقير ابڙو، صدرالدين شاهه راشدي، بشير ڏيٿو، نور ناريجو، انور علي، سليم ڀٽو، عدنان کوکر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.  احتجاج ڪندڙن ڳالهائيندي چيو ته هي قتل صرف اجمل ساوند جو نه پر سنڌ جي شعور جو قتل آهي سنڌ جي پٺتي پيل غريب عوام جو قتل آهي. شاھ عنايت جو نعرو جاگيراڻه سماج خلاف ھو ھي شاھ عنايت  جي فلسفي جو پيروڪار ھو. اجمل ساوند جي قتل تي سنڌ جي ماڻھن جون دليون مايوس ٿي ويون آھن.  ڊاڪٽر اجمل تعليم دوست انسان ھو ۔ هو فرانس کي ڇڏي سنڌ ڌرتي جي شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ واپس پنهنجي ڏيهه موٽي آيو پر جاگيردارن کي اها ڳالهه هضم نه ٿي احتجاج نڪدڙن چيو ته اسان جاگيرداراڻي سوچ رکندڙ ماڻهن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور اچي چڪو آھي اسان توھان ڏانھن اچي رھيا آھيون اھو ڏينھن پري ناھي جو توھان جي سنڌ تان دسترس ختم ٿي ويندي : موئن جي دڙي مان ھر قسم جي شيءِ ملي ٿي فقط هٿيار ئي اتان نه ٿا ملن جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي. ڊاڪٽر اجمل سنڌ جو سرمايو ھو جيڪو فرانس مان پنھنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سنڌ موٽي آيو ۽ اسان جي سماج ۾ موجود گندي ذهنيت رکندڙ ماڻهن هن کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيو ڪو اجمل قتل نه ٿي سگهي.

جوهي تحريڪ جي سڏ تي اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل خلاف ريلي

جوهي: اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل خلاف جوت تحريڪ جي سڏ تي مختلف سياسي، سماجي تنظمين جي اڳواڻن طرفان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مخدوم بلاول پارڪ کان ذيشان سرهيو، اسد پنهور، عاشق سومرو، يونس سولنگي، وقار پنهور، روشن باهوٽو، امين لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتار لاءِ نعريباي بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر هٿرادو قبائلي ۽ سرداري نظام جوڙيل نظام ڪيو وڃي ۽ بي گناهه سنڌ جي شعور جو قتل عام بند ڪيو وڃي، اجمل ساوند آئي بي جو پروفيسر ۽ سنڌ جي پٺتي پيل ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن جون آسائشون ٿڏي سنڌ کي شعور ڏيڻ ٿي چاهيو اسين سمجهون ٿا اهو هڪ اجمل نه پوري سنڌ کي سرداري ۽ قبائلي جهيڙي جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو هنن اختيارين ڌڻين کان مطالبو ڪيو اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتاري ڪري سنڌ جي شعور سان انصاف ڪيو وڃي.

ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪشمور ۾ احتجاج، اجمل ساوند قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

ڪشمور: ڪشمور ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ڪنڌڪوٽ ۾ سندراڻي ۽ ساوند برادري وچ ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان سندراڻي ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ايس ٽي پي ڪشمور جي صدر رفيق احمد چنا غلام حيدر کوسو حاڪم علي ڀٽي  غلام جيلاني منگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو شھيد اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تائين احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويندا ڪشمور جي تعليمي ميدان ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ڪيو ويو آهي ھڪ اجمل ساوند جو قتل ناهي سموري سنڌ جي شعور جو قتل ڪيو ويو غيرملڪي لگزري زندگي ڇڏي پاڪستان جي نوجوان طبقي کي پڙهائڻ سکيا ڏيڻ لاءِ ھو ڪوشان رھيو جنهن کي قتل ڪري سنڌ واسين کي پويان ڌڪيو ويو آهي اجمل ساوند جي قاتلن کي فل فور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي

سول سوسائٽي جو ڊاڪٽر اجمل جي قتل ۽ وڏيرا نظام خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز ؛سول سوسائٽي نوشهروفيروز پاران پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ۽ وڏيرا نظام خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي تصوير آڏو ڏيا ٻاري احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي احتجاج ڪندي عمير ميمڻ، اياز لطيف، امير علي راڄپر، ماهنور شيخ، ذوالفقار راڄپر، افضل علي منگي، شير علي مشوري، ياسر عالماڻي، صدام سومرو، عبدالوهاب ۽ ٻين ٻڌايو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند ھڪ بھترين استاد هيو علم جي دنيا ۾ ھڪ وڏو ريسرچر ھيو ڊاڪٽر اجمل ساوند جو تعلق ڪنڌڪوٽ شھر سان ھيو جنهن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي ڊاڪٽر اجمل ساوند ھن صدي جو هيرو ھيو ڊاڪٽر اجمل ساوند تعليم جي دنيا ۾ پاڻ کي مڃائيندڙ شخصيت ھيو ۽ تعليم دوست ھيو جنهن جو مقصد ۽ اھو ھوندو ھيو ته پوري سنڌ سميت پاڪستان ۾ تعليم فيحلائي نوجوانن کي اڳتي آڻجي ته جيئن نوجوان ملڪ جي خدمت ڪري سگھن اھڙي شخصيت کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي اھو قتل ڊاڪٽر اجمل سميت اديب، دانشور، سنڌي شعور جو قتل آهي اسان وزير اعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽر اجمل جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي اميد ملي سگھي نه ته ھي نوجوان ملڪ ڇڏي ويندا.

شهدادڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ: (ن س) ‏سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران پروفيسر شهيد اجمل ساوند جي بي گناهه قتل تي حڪومتي خاموشي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي ضلعي صدر امداد سومرو، ڪراچي ڊويزنل اڳواڻ حيات تونيو، شبير مگسي، رشيد مگسي، زاهد مگسي، اسد سولنگي، داد محمد کنڊ، سجاد تونيو، عمران خشڪ، غلام علي مگسي، فاروق سومرو، مسلم ڪمبوهه، اڪبر بليدي، صابر کوسو، عبدالرحيم کوسو، عامر بليدي، علي مراد بروهي، لعل بخش جمالي، بلاول مگسي ۽ ٻين چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته قبيلائي تڪرار سبب پروفيسر اجمل ساوند کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، واقعي جي مذمت ڪريون ٿا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو