رياض (ويب ڊيسڪ)يمن ۾ جنگ بندي ۽ امن لاءِ عمان جي ثالثي ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، ڌرين جنگ بندي تي اتفاق ڪيو.يمن جي سرڪاري ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب ۽ حوثي باغين وچ ۾ 6 مهينن جي جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي.عرب ميڊيا موجب جنگبندي جو مقصد 2 سالن جي عبوري سيٽ اپ تي 3 مهينن لاءِ ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ آهي.هڪ حوثي اهلڪار تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب طرفان آزاد ڪيل 13 حوثي قيدي صنعا پهچي ويا آهن، ان کان اڳ حوثي هڪ سعودي قيدي کي آزاد ڪيو هو. ڳالهين دوران يمن جي بندرگاهن ۽ ايئرپورٽس کي کولڻ، سرڪاري ملازمن جون پگهارون جاري ڪرڻ، تعميراتي منصوبن ۽ سياسي منتقلي جهڙن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.واضح رهي ته ٻنهي طرفن وچ ۾ ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي کانپوءِ عرب اتحاد فيبروري ۾ يمن تي لاڳو درآمدي پابندين ۾ نرمي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ حوثي باغين جي ڪنٽرول هيٺ ڏکڻ بندرگاهن تي سامان جي آمد و رفت شروع ٿي وئي هئي.يمني حڪومت جو چوڻ آهي ته هاڻي سمورا تجارتي جهاز سڌو سنئون عدن سميت يمن جي ڏاکڻي بندرگاهن تي لنگر انداز ٿي سگهندا، ڪيترن ئي شين جي درآمد تي پابندي هٽائي وئي آهي، هاڻي ڀاڻ ۽ بيٽرين سميت 500 قسم جون شيون اچي سگهن ٿيون. يمن جي ڏاکڻي بندرگاهن تي آندو ويندو










