اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال عالمي ناڻي واڌ تي تبصرو ڪندي چيو ته چين جي ترقي عالمي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻيندي چائنا اڪنامڪ نيٽ مطابق وزير چيو ته اعليٰ ناڻي واڌ جاگرافيائي طور تي وسيع بنياد تي آهي جيڪڏهن اوهان يورپ آمريڪا يا هر هنڌ ڏسو ته ناڻي واڌ جي شرح وڌي رهي آهي مرڪزي بئنڪ پاليسي ريٽ ۾ واڌ جوسهارو وٺي ٿي پر ان سان معيشت سست ٿي وڃي ٿي وفاقي وزيرچيو ته پاڪستان کي هن وقت ڪيترن سببن جي ڪري معاشي بحران سامهون آهي ۽ حڪومت معيشت کي مستحڪم ۽ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي چائنا اڪنامڪ نيٽ مطابق هن چيو ته چين جو کلڻ پوري دنيا لاءِ وڏو موقعو فراهم ڪري ٿو ڇو ته چين جي مارڪيٽ ۾کپت جي تمام گهڻي گهرج آهي چائنا اڪنامڪ نيٽ مطابق وفاقي وزير چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي مثال طور تي پيش ڪيو 2023 ۾ بي آر آئي جي ڏهين سالگرهه ۽ سي پيڪ جو 10هون سال به آهي بي آر آئي ۽ سي پيڪ بين الاقوائي ۽ بين الاقوامي واپار کي هٿي ڏيڻ مختلف ملڪن وچ ۾ تجربن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ ڪافي عالمي مسئلن تي گڏيل ردعمل کي هٿي ڏيڻ لا3 پليٽ فارم آهي احسن اقبال سي پيڪ جا فائدا ٻڌائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سي پيڪ کي زبردست ۽ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي هن پاڪستان کي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ بنيادي ڍانچي کي جديد بنائڻ ۾ مدد ڏيڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي.










