فواد چوڌري جي ريڊ زون کولڻ جي درخواست رد

فواد چوڌري جي ريڊ زون کولڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ريڊ زون کيڏڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري معمول جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي عدالت ۾ پيش ٿيو.فواد چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ وارا رستا سيل ڪيا ويا آهن، لڳي ٿو غزه ۾ آهيون، وڪيلن کي به اچڻ کان روڪيو پيو وڃي، ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ وارن رستن تي جهيڙا ٿي رهيا آهن.چيف جسٽس آف پاڪستان فواد چوڌري جي ريڊ زون جا دروازا کولڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا پنهنجا حفاظتي اپاءَ وٺي رهيا آهن، ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون، هزار وڪيلن جو اچڻ ضروري ناهي، جيڪڏهن توهان وڪيلن کي سڏيو آهي ته انهن سان ڳالهايو.فواد چوڌري جواب ڏنو ته اسان ڪنهن کي نه سڏيو، وڪيلن جو ڪنوينشن آهي، ان لاءِ به کين روڪيو پيو وڃي.چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو ان سڀني سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پاڻمرادو نوٽيس تي اڳ به مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن، توهان ٻيهر پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته وڪيل معمول جي سڃاڻپ کانپوءِ عدالت جي احاطي ۾ اچي سگهن ٿا.ان موقعي تي عورت وڪيل شڪايت ڪئي ته کيس ڪورٽ روم نمبر 1 ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو پيو وڃي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته عدالت ۾ گنجائش موجب داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي، هر وڪيل کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو