پلاٽ معاملي تان جهيڙو،هڪ فوت ست زخمي

پلاٽ معاملي تان جهيڙو،هڪ فوت ست زخمي

مٽياري(رياض چانڊيو) ويجهو ڳوٺ لالو مجيداڻو ۾ مجيداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ لٺين،مڪن ۽ ڪهاڙين جي استعمال سبب ٻن عورتن سميت 7  ڄڻا زخمي ۽ هڪ فوت ٿي ويو،اطلاع تي مٽياري پوليس واقعي واري هنڌ پھچي جهيڙي تي ٺاپر ڪرائي جڏهن ته زخمين کي تعلقه اسپتال مٽياري داخل ڪرايو جتي زخمن جا تاب نه سهندي بخشڻ مجيداڻو فوت ٿي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن ۾ مسمات نوابزادي، مسمات حاجياڻي، دلدار، دين محمد، سڪيلڌو ۽ شوڪت مجيداڻو زخمي ٿي پيا جن مان ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ سنڌيار سان ڳالهائيندي زخمي دلدار مجيداڻو جو چوڻ هو ته اسان جي وچ ۾ڳچ عرصي کان پلاٽ جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو جيڪو پلاٽ اسان جي گهر جي اڳيان واقع آهي جنهن جو فيصلو پڻ ڪجھ عرصو پهريان ان وقت جي ڊي ايس پي مٽياري جميل سيال جي موجودگي ۾ ٿيو هوجيڪو فيصلو پڻ اسان جي حق ۾ ٿيو هو، پر اڄ وري اچانڪ مخالف ڌر هٿيارن جي زور تي ان پلاٽ تي قبضي لاء حملو ڪري ڏنو جنهن سبب جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ماڻهو پڻ فوت ٿي ويو آهي، احتجاجين وسوارن کان گهر ڪئي آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو ته جيئن جهيڙي تي ضابطو اچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو