ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي انساني حقن واري کاتي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ متاثرين کي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي ضلعي انساني حقن جا آفيسر مقرر ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران صوبائي ويجيلنس ڪميٽي جي ميمبرن لاءِ ورڪشاپ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي، کاتي جي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر، سنڌ ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي چيئرمين اقبال ڏيٿو، ڊپارٽمينٽ جي ٽريٽي امپليمينٽيشن سيل جي ايگزيڪيوٽو ڪوآرڊينيٽر جميل حسين جوڻيجو، ذوالفقار شاهه، ڊاڪٽر سونو مل کنگاراني، ايڊووڪيٽ الطاف کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ورڪشاپ ۾ انساني حقن واري کاتي جي صوبائي ويجيلنس ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي چيو ته ويجيلنس ڪميٽي جا ميمبر کاتي جي اکين ۽ ڪنن سان گڏوگڏ زمين تي موجود نمائندا به آهن، جيڪي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته انساني حقن جو کاتو ويجيلنس ڪميٽي سان لاڳاپيل ٽي او آرز ۾ ترميم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. سريندر ولاسائي چيو ته ملڪ ۾ عملي ڪم صرف پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اقليتن سميت سماج جي پٺتي پيل طبقن لاءِ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي قدم کنيا آهن ته اهي صرف پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا ۾ 6 ميمبر اقليتن سان تعلق رکن ٿا، جن مان 4 شيڊول ڪاسٽز سان تعلق رکن ٿا. صرف پاڪستان پيپلز پارٽي شيڊول ڪاسٽ جي ماڻهن کي ايتري وڏي نمائندگي ڏني آهي. ويجيلنس ڪميٽي جي ميمبر ۽ مشهور ٽرانسجينڊر رائٽس ايڪٽوسٽس شهزادي راءِ جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي سريندر ولاسائي ڪراچي پوليس پاران خواجه سرائن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي معاملي تي وجيلنس ڪميٽي جي مميبر سردار نزاڪت جي سربراهي ۾ فوري طور تي هڪ ڪميٽي بڻائڻ جو اعلان ڪيو ۽ خواجه سر ڪميونٽي کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت انهن جي خلاف ڪابه ناانصافي کي برداشت نه ڪندي. ورڪشاپ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر چيو ته ويجيلنس ڪميٽي جو مقصد انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ روڪڻ آهي. هن چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي روڪٿام ۽ عوام تائين آسان رسائي کي نظر ۾ رکندي هيومن رائيٽس ضلعي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو، جن جي تعليمي قابليت سوشل سائنسز ۾ ماسٽرس هوندي. هن چيو ته هن وقت سنڌ هيومن رائيٽس کاتو سڄي صوبي ۾ آگاهي مهم هلائي رهيو آهي، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ انساني حقن جي تحفظ تي ڀرپور توجه ڏني ويندي. هن چيو ته سندس کاتو هن وقت ٻن غير سرڪاري تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي متاثرن کي مفت قانوني مدد فراهم ڪري سگهجي. جاويد صبغت الله مهر چيو ته انساني حقن جي قانون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ حڪومت به ان حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي. انساني حقن واري کاتي جي ٽريٽي امپليمينٽيشن سيل جي ايگزيڪيوٽو ڪوآرڊينيٽر جميل جوڻيجو چيو ته صوبي جا 23 کاتن جي ايس پي پلس جي حوالي سان 27 انساني حقن واري ڪنوينشن تي عملدرآمد جي حوالي سان سندس اڳواڻي هيٺ سيل کي رپورٽ ڪندا آهن. هن چيو ته 2014ع ۾ وفاق سميت سمورن صوبن ۾ معاهدي تي عملدرآمد سيلز کي قائم عمل ۾ آندو ويو هو. تقريب جي پڄاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي ۽ انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهايون.










