ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪجهه ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ ٻيهر اضافو ٿيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 14 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 283 رپيا 80 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 66 پئسا تي بند ٿيو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي، جيڪا بعد ۾ منفي رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 57 پوائنٽن جي گهٽتائي کانپوءِ 39 هزار 791 تي پهچي ويو آهي.ڪالهه، 100 انڊيڪس 39,848 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.










