روس ۽آمريڪا جي تعلقات ۾ بهتري جي اميد گهٽجي وئي،روس

ماسڪو(ويب نيوز) روس چيو آهي ته آمريڪي قومي سلامتي جي مشير جان بولٽن جي برطرفي بعد آمريڪا سان تعلقات بهتر ٿيڻ جي توقع گهٽجي وئي آهي. اهڙو اظهار روس جي پرڏيهي کاتي جي ڊپٽي وزير سرجي ريابڪوف، نووسٽر نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسين ماضي ۾ ڪيترا ڀيرا مشاهدو ڪيو آهي آمريڪي انتظاميا ۾ ردو بدل سان ڪا به بهتري ناهي آئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن جان بولٽن کي طالبان سان ٿيل ڳالهين جي معلومات لڪائڻ، ايران، وينزويلا، اتر ڪوريا ۽ ٻين معاملن تي اختلافن سبب کائنس استعيفيٰ ورتي هئي. روسي نائب پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسين عمل مان نتيجو ڪڍندا آهيون ڪنهن جي اعلان يا نيتن کي نه ڏسندا آهيون. جڏهن به ڪا پيش رفت ڏسندا آهيون ته ان بنياد تي رد عمل ظاهر ڪند آهيون. سرد جنگ جي خاتمي بعد روس يوڪرين ۾ آمريڪا تي مداخلت جو الزام هڻندو رهيو آهي . جڏهن ته آمريڪا جي 2016 واري عام چونڊن ۾ روس تي مداخلت جو الزام لڳڻ بعد ٻنهي ۾ سفارتي تعلقات تمام هيٺين سطح تي اچي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو