سپريم ڪورٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت بند ڪري

سپريم ڪورٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت بند ڪري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو آهي جنهن ۾ اتفاق راءِ سان چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سياسي ۽ انتظامي معاملن ۾ مداخلت بند ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اهو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد، خودمختيار ء۽ آئيني ادارو آهي ان جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي، هي ايوان مطالبو ٿو ڪري آئين جي شق 218 ۽ 224 مطابق سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ چئني صوبائي اسمبلين جي چونڊ هڪ ئي ڏينهن نگران حڪومتن هيٺ ڪرائي وڃي. ٺهراءُ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جڏهن به آئين جي تشريح ۽ وسيع پيماني تي وضاحت جي ضرورت هجي ته سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ جوڙي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو