سريلنڪن ڪرڪٽرز کي ڀارتي ڌمڪين جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته سريلنڪن سينيئر رانديگرن کي پاڪستان جي دؤري کان منع ڪرڻ لاءِ ڌمڪي ڏني وئي آهي ته کين آءِ پي ايل مان خارج ڪيو ويندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ وفاقي وزير دعوى ڪئي آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ جي ڪرتا ڌرتائن سريلنڪن رانديگرن کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪو پاڪستان جي دؤري تي ويندو ان کي آءِ پي ايل ۾ نه کيڏايو ويندو. فواد چوڌري ڀارت تي تنيقيد ڪندي چيو ته خلائي معاملن کان ڪرڪيٽ تائين نفرت ڦهلائڻ انتهائي جاهلاڻو عمل آهي، جنهن جي مان مذمت ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي راندين وارين اختيارين کي شرم اچڻ گھرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو