مينار پاڪستان جا رستا بلاڪ، ڪريڪ ڊائون ۽ گرفتاريون

مينار پاڪستان جا رستا بلاڪ، ڪريڪ ڊائون ۽ گرفتاريون

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڄ مينار پاڪستان جي جلسي کان اڳ پوليس تحريڪ انصاف خلاف پنجاب جي مختلف شهرن ۽ خاص ڪري لاهور ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته جلسو هر حال ۾ ٿيندو. اسانجا 700 کان مٿي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ مينار پاڪستان ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس ڪنٽينرز رکي رستا بند ڪيا آهن.

حماد اظهر ۽ فواد چوڌري لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميه سان ڳالهيون هلن پيون اميد ته رستا کوليا ويندا. پوليس رحيم يار خان جي مختلف علائقن مان پي ٽي آءِ جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جاويد انصاري جي پٽ سميت 26 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته لوڌران ۽ ڀکر مان به سندن ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.گذريل ڏينهن سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو هو پر پي ٽي آءِ اڳواڻ گهر تي موجود نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو