ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي رمضان المبارڪ ۾ وڌيڪ نون روٽس تي پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو فيصلو اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي منصوبن بابت اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. صوبائي وزير سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ اين آر ٽي سي کي ھدايت ڪئي ته اليڪٽرڪ بسون هلائڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. ھن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي تحت وڌيڪ نيون اليڪٽرڪ بسون پڻ آڻي رهيا آهيون. اجلاس ۾ پيپلز بس سروس، بي آر ٽي ريڊ لائن، اورنج لائن ۽ ييلو لائين منصوبن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سخت هدايتون ڏنيون آهن ته ڪراچي جا ترقياتي منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ هفتي اندر ڪورنگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز جي پيڙھ جو پٿر ۽ جوهر چورنگ فلائي اوور منصوبي جو افتتاح ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي عوام مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏو مينڊيٽ ڏنو آهي. انهن جي اميدن تي پورو لهڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ييلو لائين منصوبي تي جلد ڪم جي شروعات ڪري رهيا آهيون. هن ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته 2 مئي تائين يلو لائين منصوبي تحت نئي ڄام صادق پل جي تعمير لاءِ ٽينڊر ايوارڊ ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته يلو لائين منصوبي جي بس ڊپو جي تعمير جا مسئلا به حل ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي اڏاوت شروع ٿي سگهي. صوبائي وزير بي آر ٽي ريڊ لائن تي ڪم جي اڳڀرائي بابت هفتيوار رپورٽ طلب ڪندي چيو ته شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي. هي منصوبو ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جو سڀ کان اهم منصوبو آهي. هن چيو ته ھلندڙ ھفتي بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي ڪانٽريڪٽرن کي 400 ملين رپيا ادا ڪيا ويا آهن. منصوبي جي لاٽ ون ۽ لاٽ 2 تي 24 ڪلاڪ ٻن شفٽن ۾ ڪم کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال حڪيم ۽ اين آر ٽي سي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق شرڪت ڪئي.










