چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ پاڪستاني ادارن جو اختيار آهي: آءِ ايم ايف

چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ پاڪستاني ادارن جو اختيار آهي: آءِ ايم ايف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته آئيني حيثيت ۽ صوبائي ۽ عام چونڊن جي وقت بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار رڳو پاڪستان جي ادارن کي آهي.آءِ ايم ايف جي ترجمان اشتر پيريز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آئيني حيثيت، صوبائي ۽ عام چونڊن جي فزيبلٽي ۽ وقت بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار رڳو پاڪستان جي ادارن کي آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان جي آئيني حقن ۾ مداخلت جي ضرورت ناهي.آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو ته آءِ ايم ايف جي سهڪار سان جاري پروگرامن تحت حڪومتي سطح تي هدف مقرر ڪيا ويا آهن، خرچن کي مختص ڪرڻ يا ٻيهر ترجيح ڏيڻ يا اضافي روينيو وڌائڻ لاءِ مالي گنجائش موجود آهي.اشتر پيريز وڌيڪ چيو ته مالي صلاحيت جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته آئيني سرگرمين کي ضرورت مطابق سرانجام ڏئي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو