آمريڪا پاران والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر

واشنگٽن(ڊيسڪ نيوز)  ڪشميري ميڊيا سروسز موجب آمريڪي اعلي قيادت ڀارت تي زور ڀريو آهي ته والاريل ڪشمير جي مقامي اڳواڻن سان هڪ دفعو وري ڳالهه ٻولهه جو آغاز شروع ڪيو وڃي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگن آرٽيگس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مقبوضه ڪشمير ۾ ڪاروباري ۽ مقامي سياسي اڳواڻن جي وڏي پئماني تي گرفتاريون ۽ ڪشميرين تي لڳايل پابندين تي آمريڪا کي انتهائي ڳڻتي ۽ افسوس آهي.

مورگن آرٽيگس جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان کي والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بند ڪرڻ واري پابندي تي به ڳڻتي آهي، هن چيو ته والاريل ڪشمير جي وادي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بحال ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت والاريل ڪشمير جي مقامي سطح جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪري ۽ پنهنجي واعدي مطابق جلد کان جلد چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪري،واضع رهي ته ان کان پهرين به آمريڪا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار پهريون به ڪري چڪو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو