اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي پيشي جي موقعي تي هڙتال کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسد قيصر، عامر ڪياني، عمر ايوب، حماد اظهر، محمد عاصم، فرخ حبيب، حسن نيازي ۽ شبلي فراز جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي 3 اپريل تائين 50، 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.










