سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي متاثر 324 ٻارڙا فوت ٿيڻ جو انڪشاف

سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي متاثر 324 ٻارڙا فوت ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي صحت کاتي انڪشاف ڪيو آهي ته صوبي ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر 324 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.صحت واري صوبائي وزارت موجب گذريل هڪ سال ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر 164 ٻارڙا فوت ٿيا ۽ 4 سالن ۾ 324 ٻارڙا فوت ٿيا.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل 4 سالن ۾ ايڇ آءِ وي سبب فوت ٿيندڙ ٻارن ۾ 207 ڇوڪرا ۽ 117 ڇوڪريون شامل آهن.صحت کاتي جي انگن اکرن موجب صوبي ۾ ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارن جو انگ 2865 تائين پهچي ويو آهي، جن مان گذريل 2 مهينن دوران وڌيڪ 17 ٻار ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.ڊاڪٽر فاطمه مير جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جي موت جو وڏو سبب ٽي بي هو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻارن ۾ خون جي گھٽتائي ۽ ويڪسينيشن جي کوٽ عام آهي ۽ انهن ٻارن ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي به عام آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو