ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گرفتاري جي خوف سبب عمران خان جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن. ھن چيو تہ بلاول هائوس وارن وڏي حوصلي ۽ ھمت ڦاسيوڻ قبول ڪيون ، جيل جون سختيون برداشت ڪيون آهن. پر ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ نه کنيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جرئت ۽ حوصلي سان گرفتاريون پيش ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پاڪستان اچي رهي هئي ته کيس ٻڌايو ويو ته مٿس حملو ٿي سگهي ٿو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪڏهن نه ڊني، شهيد محترمه بينظير ڀٽو گاڏي ۾ ويهي ڪارڪنن کي خطاب نه ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽرڪ تي ۽ سن روف کان ٻاهر نڪري ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏنو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بزدل عمران نيازي لڪي لڪي گاڏي مان ڪارڪنن کي خطاب ڪري رهيو آهي. پنهنجي گهر ۾ به بنڪر ٺاهي ويٺو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي همت ۽ حوصلي سان گرفتاريون پيش ڪيون، 5 کان 10 هزار ماڻهن کي روڊن تي ڪڍڻ پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ڪڏهن به وڏو مسئلو ناهي رهيو. پر پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ نه ورتو. ڪڏهن به پوليس تي اهڙي ريت حملا ناهن ڪيا. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته محترمه فريال ٽالپور کي عيد جي رات اسپتال مان جيل موڪليو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي چاهي ها ته ڇا نه پئي ڪري سگهي؟ هن چيو ته ان وقت کين شرم ۽ حيا نه آيو ته هوءَ به ڪنهن جي ڀيڻ ۽ نياڻي آهي. هن چيو ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو ڪيس ڪراچي ۾ هو. کيس اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو. ڇا هو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو هو؟ ڇا هو ڪراچي واپس نه اچي ها؟ هن چيو ته ڪالهه لاهور ۾ آئين، قانون ۽ عدالتي حڪمن جي کلي عام خلاف ورزي ڪئي وئي.










