اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي اسلام آباد پهچي ويو آهي، هو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ويندو جتي هو صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ بابت مشاورت ڪندو.خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي جيو نيوز کي ٻڌايو ته کيس اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان دعوت ڏني آهي، هو 2 وڳي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري چونڊن جي تاريخ تي غور ڪندو.هن چيو ته الله ڪندو ته اليڪشن جي تاريخ ايندي.خيبرپختونخواهه جي گورنر چونڊن جي حوالي سان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان تاريخ ڏيڻ کانپوءِ ايندڙ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو.










