چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ طلب

چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکڻ لاءِ اهم قدم کڻي ورتو آهي.رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت اهم قدم کڻندي خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور ۾ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ 29 شعبان المعظم تي نظر اچڻ جو قوی امڪان آهي.چنڊ نظر اچڻ جي حوالي سان موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ 29 شعبان المعظم تي نظر اچڻ جو قوی امڪان آهي، رمضان المبارڪ جي چنڊ جي ولادت 10 لڳي 23 منٽن تي ٿيندي ٻئي طرف مذهبي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني ميڊيا کي ٻڌايو ته اميد آهي ته هن ڀيري رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ تي اتفاق ٿي ويندو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مولانا عبدالخبير آزاد موجب سڄي ملڪ جي زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس به هڪ ئي ڏينهن ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو