لاهور (ويب ڊيسڪ)عمران خان پاران اڄ ريلي ڪڍڻ جي اعلان کانپوءِ پنجاب حڪومت لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي رينجرز کي طلب ڪري ورتو آهي، جلسن تي پابندي هوندي.نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سربراهه هڪ ڀيرو ٻيهر اهم ڏينهن تي ريلي جو اعلان ڪيو آهي، اڄ لاهور ۾ پي ايس ايل جي ميچ، 40 ڪلوميٽرن جي ميراٿن ۽ سائيڪل ريس کيڏي ويندي. عامر مير چيو ته قلم 144 لاڳو ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.انتظاميا پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين چيو ته ريلي جي تاريخ کي اڳتي وڌايو وڃي.ذريعن موجب پنجاب حڪومت طرفان ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قلم 144 تحت اڄ صبح زمان پارڪ ۽ ٻين اهم هنڌن تي رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو.










