سينيئر صحافي طاهر نجمي لاڏاڻو ڪري ويو

سينيئر صحافي طاهر نجمي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سينيئر صحافي ۽ مقامي اخبار جو ايڊيٽر طاهر نجمي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.خاندان موجب سينيئر صحافي طاهر نجمي ڪافي عرصي کان بيمار هو، هن مختلف ادارن ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ مختلف صحافتي تحريڪن ۾ پڻ حصو ورتو.طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي مختلف حلقن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

شرجيل انعام ميمڻ پاران طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي اظهار تعزيت
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ روزناني ايڪسپريس جي ايڊيٽر طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي اظهار تعزيت ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته طاهر نجمي هڪ اصول پرست با وقار صحافي هو. هن سموري زندگي اظهار راءِ جي آزدي جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ اردو صحافت ۾ استاد جو درجو رکندا هئا. هن وڏي محنت سان پنهنجي ٽيم سان گڏ روزناني ايڪسپريس کي هن مقام تائين پهچايو. ھن جو دنيا ماڻ وڃڻ صحافت جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير دعا ڪئي ته رب العزت مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل عنايت ڪري (آمين)

سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن جو طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي تعزيت اظهار
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن روزنامه ايڪسپريس جي ايڊيٽر طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سيڪريٽري اطلاعات چيو ته طاهر نجمي صاحب جي لاڏاڻي تي خبر ٻڌي ڪري وڏو افسوس ٿيو. صحافت جي شعبي ۾ طاهر نجمي صاحب جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. سندس قلم صحافتي قدرن جو جذبو اٿاريو. هن چيو ته اسان طاهر نجمي صاحب جي سوگوار خاندان ۽ روزنامه ايڪسپريس جي سمورن دوستن کي تعزيت پيش ڪيون ٿا الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ۽ سوگوار خاندان ۽ دوستن کي صبر جميل عنايت فرمائي (آمين)

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو