ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتن واري صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته محدود وسيلن ۽ چيلنجز جي باوجود لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي، کاتي مقرر ڪيل پنهنجي سمورن ٽارگيٽ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، جنهن جو اعتراف ورلڊ بينڪ پنهنجي سنڌ حڪومت کي لکيل هڪ خط ۾ ڪيو آهي، ڄاڻايل خط ورلڊ بينڪ جي ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي اولڊ بلڊنگ جي ڪميٽي روم نمبر 1 ۾ منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز سنڌ تميزالدين کيڙو ۽ ڊي جي لائيو اسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽر نذير حسين ڪلهوڙو پڻ موجود هئا. صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ جي بنياد تي کاتي جي خلاف بي بنياد خبرن جو سلسلو جاري آهي، غلط معلومات ۽ فرضي انگ اکر ٻڌائي ڪري کاتي جي تاثر کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش مسلسل جاري آهي، ڪوڙيون خبرون هلائڻ وارا اسان جو موقف ڄاڻڻ جي زحمت به ناهن ڪندا جن ڪروڙ روپين جا ڍڳا خريد ڪرڻ جون خبرون هلايون پيون وڃن اھي کاتي پاران خريد ئي ناهن ڪيا ويا، صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز چيو آهي ته اسان سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ ۾ لائيو اسٽاڪ جي ڪمپونينٽ ۾ طي ڪيل ٽارگيٽ کان وڌيڪ پرفارمنس ڏني آهي، جنهن جو اعتراف ورلڊ بينڪ پنهنجي سنڌ حڪومت کي لکيل خط ۾ پڻ ڪيو آهي جڏھن ته ڄاڻايل خط ورلڊ بينڪ جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي، جنهن جي مطابق پروجيڪٽ تي عمل ڪندي اسان کي کير جي پيداوار کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻو هو جنهن کي کاتي جي ڪوشش سان 50 سيڪڙو تائين وڌايو ويو، جڏهن ته چوپائي مال ۾ طي ڪيل 20 سيڪڙو اضافي کان مٿي ڪري اسان ان کي 50 سيڪڙو تائين وٺي وياسين. صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌڻ سان مالوندن جو معاشي فائدو ٿي رهيو آهي هن چيو ته اسان تنقيد ۽ غلطين جي نشاندهي کي هميشه ڀليڪار ڪيو آهي پر اهو اسان جو حق آهي اسان بابت هلندڙ خبرن کان اڳ اسان جو موقف به ورتو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته کاتي پاران سالاني 30 هزار اينيمل هيلٿ سروسز جي ٽارگيٽ کي وڌائي 3 لک جانورن تائين ڪيو ويو آهي. کاتي پاران عورتن لاءِ لائيو اسٽاڪ ۾ خاص توجه ڏيندي 33 سيڪڙو جي ٽارگيٽ باوجود وڌائي 39 سيڪڙو تائين ڪيو ويو آهي، 26500 پٺتي پيل گهراڻن جي عورتن کي 5 ٻڪريون ۽ 10 ڪڪڙيون ڏنيون ويون آهن ته جيئن انهن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي، جانورن جي بريڊنگ جي حوالي سان 11 سينٽرن قائم ڪيا ويا آهن، پوري صوبي ۾ جانورن جون 100 اسپتالن ۾ مفت علاج جي سهولت موجود آهي، عبدالباري پتافي چيو ته صوبي ۾ 1200 آرٽيفيشل انسومينٽرز کي ٽريننگ ڏني وئي آهي، جنهن جي ڪري 150،000 کان وڌيڪ جانورن ۾ سٺي نسل جا سيمن انجيڪٽ ڪيا ويا، ان کان علاوه وٽنري ڊاڪٽرن کي ريسرچ ۽ ٽريننگ جا موقعا ڏنا پيا وڃن. لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي جي وقت سر منصوبا بندي جي ڪري صرف ٽن مهينن جي اندر صوبي ۾ لمپي اسڪن جي ويڪسين جي ٽارگيٽ کي پورو ڪيو ويو، جڏهن ته هن وقت به ملڪ جي ٻين صوبن ۾ لمپي اسڪن جا ڪيس اچي رهيا آهن صوبائي وزير چيو ته اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي سنڌ ۾ لمپي اسڪن بيماري جي ويڪسين جي تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان لمپي اسڪن ويڪسين بڻائيندڙ ڇهون ملڪ بڻجي ويندو جڏهن ته ڊيڊ وائرس طريقيڪار تي ويڪسين بڻائيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويندو. صوبائي وزير چيو ته ڪتي جي ڏاڙھڻ جي ريبيز ۽ نانگ جي ڪکڻ جي اينٽِي وينم ويڪسين جي مقامي سطح تي تياري لاءِ به اسان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته برساتن دوران 3 ڪروڙ جانورن کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ مفت ويڪسين لڳائي وئي، برساتن جي ڪري جتي مال جي چاري جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو ان صورتحال ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران جانورن جي مالڪن کي مشڪل گهڙي ۾ چاري جي فراهمي به ڪئي وئي. صوبائي وزير عبدالباري پتافي ان موقعي تي چيو ته کاتي پاران ڏيڻ وارين سروسز ۽ ٻين سهولتن جي آگاهي جي حوالي سان ميڊيا ساٿ ڏي ته جيئن هاري، مالوندن ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي سان واڳيل ماڻهن کي حڪومت پاران ڏني ويندڙ سهولتن بابت ڄاڻ ملي ۽ اھي ان مان فائدو حاصل ڪري سگھن.










