لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۽ ڪوئٽه ۾ داخل 3 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.عمران خان رمنا ٿاڻي اسلام آباد جي 2 ڪيسن ۽ ڪوئٽه جي هڪ ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪئي. هن بيرسٽر سلمان صفدر جي حوالي سان حفاظتي ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون جنهن ۾ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آهي.عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته رمنا ٿاڻي تي داخل ڪيل ٻنهي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن ۽ ڪوئٽه ۾ ڪيس پيڪا قانون جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر پوليس سندس غيرقانوني گرفتاري لاءِ زمان پارڪ رهائشگاهه کي گهيرو ڪري رکيو آهي. آءِ جي پنجاب کي چيو وڃي ته رڪاوٽن کي هٽايو وڃي.درخواست جي متن مجب 22هون وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ ملڪ کي ادائيگين جي بحران کان بچائڻ لاءِ وقت تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو. آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون ۽ آمريڪي فوج کي افغانستان مان نڪرڻ واري قدم کي يقيني بنايو. ڪورونا دوران کنيل قدمن تي سڄي دنيا تعريف ڪئي. سياسي مخالفن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن.










