اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ فنڊن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ وفاق سان جلد رابطي جو فيصلو ڪري ورتو.ان کان اڳ ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي واڌو گرانٽس ڏيڻ کان معذرت ڪئي هئي، جڏهن ته گهرو وزارت فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز جي غير موجودگي بابت آگاهه ڪيو هو.ٻئي پاسي خيبرپختونخوا اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ اڄ صلاح مشورو نه ٿي سگهيو.گورنر ڪي پي پاران اليڪشن ڪميشن کي صلاح مشوري لاءِ ست کان اٺ مارچ جي تاريخ ڏني وئي هئي.گورنر هائوس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ مشاورت جو ڪو امڪان ناهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين گورنر جي خط جو ڪو جواب نه ڏنو آهي.










