پشاور(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي علائقي سرڪي ڪلان ۾ گيس ليڪيج جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڪوئيٽا جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام اظفر مهيسر موجب سرڪي ڪالان ڊبل روڊ تي مولوي عبدالعزيز جي گهر ۾ ڌماڪو مبينا طور تي گئس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. غلام اظفر مهيسر جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 4 کان 9 سالن جا ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته گهر جي مالڪ مولوي عبدالعزيز ۽ سندس 2 پٽن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.










