شاگرد ڌرين ۾جهيڙو، پوليس سنڌي شاگردن مٿان ڪڙڪي پئي

شاگرد ڌرين ۾جهيڙو، پوليس سنڌي شاگردن مٿان ڪڙڪي پئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد قائد اعظم يونيورسٽي جي ٻن شاگرد ڌرين ۾ جهيڙي بعد پوليس پرامن شاگردن مٿان ڪڙڪي پئي سوين سنڌي شاگردن کي هاسٽلز مان زوري بي دخل ڪري سندن سامان اڇلايو ويو شاگردن تي تشدد ,ڪجه شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو قائد اعظم يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن جي تنظيم مهراڻ اسٽوڊنس ڪائونسل جي اڳواڻن موجب جهيڙو بلوچ ۽ پشتون ڪائونسل ۾ ٿيو ذيادتي سنڌي شاگردن سان ڪئي پئي وڃي شاگرد اڳواڻن موجب ٻارنهن سئو کان وڌيڪ سنڌي شاگرد شارٽ نوٽيس تي هاسٽلز ڪئين ٿا خالي ڪري سگهن ,شاگردن موجب اسين اوچتي ڪيل فيصلي جي ڪري ڪٿي متبادل رهائش اختيار ڪريون اسلام اباد پوليس اسان شاگردن جو سامان اڇلائي ڇڏيو آهي , شاگردن تي تشدد ڪيو ويو آهي ۽ گرفتاريون به ڪيون ويون آهن شاگردن ھاسٽل خالي ڪرڻ لاء مهلت طلب ڪئي آهي ياد رهي ته جهيڙي بعد انتظاميا يونيورسٽي اڻڃاتل مدي تائين بند ڪري هاسٽلز خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو
قائد اعظم يونيورسٽي ۾ 60 شاگردن خلاف ڪيس داخل
اسلام آباد ۾ قائداعظم يونيورسٽي انتظاميا پاران 60 شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا.شاگردياڻين خلاف حڪومت ۾ مداخلت، ڀڃ ڊاهه ۽ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا.ايف آءِ آر موجب شاگردن جهيڙي بعد يونيورسٽي جي ملڪيت کي نقصان پهچايو.واضح رهي ته قائداعظم يونيورسٽي ۾ شاگردن جي جهيڙي کانپوءِ يونيورسٽي کي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو