تحران (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري جي انسپيڪٽرن انڪشاف ڪيو آهي ته ايران وٽ تقريبن بم گريڊ يورينيم جا ذرات موجود آهن.هي افزوده يورينيم ويانا ۾ قائم انٽرنيشنل ائٽمي انرجي ايجنسي (IAEA) پاران ميمبر ملڪن کي فراهم ڪيل هڪ خفيه ٽه ماهي رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ان انڪشاف سان ايران ۽ اولهه وچ ۾ ايٽمي پروگرام تي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي.رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايران ۾ 83 سيڪڙو کان وڌيڪ افزوده يورينيم جا ذرڙا مليا آهن پر ان جو ماخذ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.رپورٽ موجب ايران جو يورينيم افزودگي 2015ع جي ڊيل ۾ مقرر هدف کان 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي.ٻئي طرف ايران جو چوڻ آهي ته اهو واقعو يورينيم افزودگي دوران غير ارادي طور ٿيو هجي، جڏهن ته ايجنسي ۽ ايران جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.










