اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ آئين ختم ٿي ويندو، جيڪا به اٿارٽي هڪ ڏينهن به چونڊون اڳيان کڻي ويندي، اها آرٽيڪل 6 جي مرتڪب ٿي ويندي.پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو، هي وقت به گذري ويندو. نوازشريف، آصف زرداري ۽ فضل الرحمان ايترو بار نه کڻن جو سندن چيلهه ٻيڻي ٿي وڃي.هن چيو ته پنجاب ۾ اهڙو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي سندس گهر وارا ٻيون ڀيرو کائڻ لاءِ ٻوڙ به ناهن ڏيندا. مان اڄ پنجاب جي وڏي وزير تي ڳالهائي رهيو آهيان ٿي سگهي ٿو ته ان تي به نوٽيس اچي وڃي، ڪهڙو بيوقوف هنن کي ائين ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيو آهي.فواد چوڌري چيو ته اسان گرفتارين کان ناهيون ڊڄندا اسان ادارن مان آهيون ۽ ادارا اسان مان آهن هي پنهنجا آخري 3-4 مهينا گذاري وٺن. پي ٽي آءِ جي ايندڙ حڪومت کان پوءِ هڪ نئين اپوزيشن جنم وٺندي.هن چيو ته(ن) ليگ جي اڳواڻن جي عمر 80-80 سال آهي. ڪوبه نوجوان هنن سان گڏ نه آهي. هي پنهنجي آخري اسيمبلي جو مدو گذاري وٺن. مريم نواز تي تنقيد ڪندي فواد چوڌري چيو ته مريم نواز ڪنهن نفسياتي ڊاڪٽر کان پنهنجو علاج ڪرائي.










