90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته قوم تباهي جي رستي تي هلي ويندي:خان

90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته قوم تباهي جي رستي تي هلي ويندي:خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته عوام روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙي ئي صورتحال ۾ سريلنڪن عوام وزيراعظم هائوس کي ساڙي ڇڏيو.پنهنجي وڊيو لنڪ خطاب ۾ عمران خان چيو ته جيل ڀريو تحريڪ پرامن احتجاج آهي پر پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي کي اٽڪ جيل موڪليو ويو آهي.هن چيو ته نگران حڪومتن جو فرض رڳو صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ هوندو آهي، هنن ڪڏهن به اهڙي جانبدار نگران حڪومتون نه ڏٺيون، اهي 90 ڏينهن کانپوءِ ڪيئن رهنديون؟ جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته قوم تباهي جي رستي تي هلي ويندي، آئين جو آرٽيڪل 224 پڙهو، اليڪشن 90 ڏينهن کان اڳتي ڪيئن ٿي سگهي ٿي.عمران خان چيو ته هو جيترا به مٿي تي ويهندا ملڪ وڌيڪ دلدل ۾ ٻڏي ويندو، ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته معاشي استحڪام ايندو، سياسي استحڪام جو واحد حل صاف ۽ شفاف چونڊون آهن.هن وڌيڪ چيو ته اڄ مهانگائي سبب گهرن ۾ جهيڙا ٿي رهيا آهن، توهان چئو ٿا ته وڌيڪ مهانگائي اچي رهي آهي، پاڪستان ۾ حالتون اهڙيون بڻجي ويون آهن جو عوام روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙين حالتن ۾ سنڌ حڪومت جي سري. لنڪن جا ماڻهو نڪري ويا ۽ وزيراعظم هائوس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جيڪڏهن اسان پرامن رستو نه اختيار ڪيو ته قوم ان طرف ويندي جنهن سان ملڪ ۾ وڏي تباهي ايندي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پاڻ کي غيرجانبدار سڏائڻ وارن چيو ته توهان ن ليگ جي وزيراعليٰ شپ وٺو، اسان جي ايم پي ايز تي دٻاءُ وڌو ويو، هاڻي هو پنهنجي ڳالهه تي بيٺا، دٻاءُ باوجود پارٽي کي ضم ڪرڻ تي پرويز الاهي کي ساراهيون ٿا.هن چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عمران خان کي نااهل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، اهي عدليه تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، سڀ کان وڏو ڌاڙيل شهباز شريف، سندس ڀاءُ نواز شريف ۽ آصف زرداري آهي، انهن جو سمورو پئسو ٻاهر بيٺل آهي. کين پاڪستان جي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو