ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي پي جي جنرل سيڪريٽري نئرحسين بخاري چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن قوم جي مفاد ۽ رياست جي حق ۾ آهي آئين جو تحفو ڏيندڙ پيپلزپارٽي آئين کي ئي بالادست سمجهي ٿي پي پي جو چٽو موقف آهي ته اسان چونڊن ۾ دير نٿا چاهيون ادارن تي حملا مذمت جوڳو رويو آهي اسلام آباد چيف جسٽس جي خلاف مهم توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿي پنهنجي بيان ۾ نئربخاري چيو ته سياست ٿيڻ گهرجي رياست دشمني نه ٿيڻ گهرجي هن چيو ته صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته اسان آئين سان گڏ بيهنداسين هن چيو ته چوندن ۾ دير سان جيڪڏهن ڪو فائدو وٺڻ جو سوچي رهيو آهي ته ان کي ڪو فائدو نه ٿيندو هن چيو ته هن وقت مهانگائي جي صورتحال کان پوءِ ماڻهو بي چين ۽ مايوس آهي سياسي پارٽين جو ڪم عوام کي رليف ڏيڻ هوندو آهي نئربخاري چيو ته تباهه حال معيشت جو سبب پي ٽِ آئي حڪومت جو آئي ايم ايف معاهدا ۽ شرط ٽوڙڻ آهي نئربخاري چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي پي ٽي آئي آئي ايم ايف سخت شرط معاهدن جا آفٽر افيڪٽس آهن.










