اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته ڪو به آئيني ڪم غير آئيني ناهي ڇو ته اهو مقرر مدي ۾ نه ٿيو، 90 ڏينهن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانون سازي جي ضرورت ناهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران هن کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن 90 ڏينهن کانپوءِ چونڊون ٿيون ته صوبائي اسيمبلين جي آئيني حيثيت ڇا هوندي؟ ان تي قانون واري وفاقي وزير چيو ته مقرر مدي اندر آئيني ڪم مڪمل نه ڪرڻ جا صحيح سبب هجڻ گهرجن.اعظم نذير تارڙ چيو ته 90 ڏينهن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانون سازي جي ضرورت ناهي، لاڳاپيل ادارن کي وقت تي چونڊون نه ڪرائڻ جا ٺوس دليل ڏيڻ گهرجن. وفاقي قانون واري وزير چيو ته ڪو به آئيني ڪم غير آئيني ناهي ڇو ته اهو مقرر مدي ۾ نه ٿيو، آئين سان اهڙو مذاق نه ٿيڻ گهرجي، آئين ۾ اها شق موجود آهي ته آئين تي عمل نه ڪرڻ جا ٺوس سبب هجڻ گهرجن.










