90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي:شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه اڄ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ايٽس اينڊ بيٽس جي نمائش جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن جي نمائش ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اسٽالن کان علاوه هينڊي ڪرافٽ جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته اهڙي قسم جي نمائش منعقد ڪرڻ تي انتظاميه کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ايٽس اينڊ بيٽس ميگا تفريحي ميلي ۾ شيفس، قوالي ، لائيو ڪنسرٽ ۽ ميوزڪ بينڊ شامل آهن جنهن سان شهر جي رونقن ۾ اضافو ٿيندو. هن ميلي ۾ جيڪي شيون متعارف ڪرايون وينديون اهي تمام اهم آهن، هنن حالتن ۾ سڀني کي تفريح ڪرڻ گهرجي، آءُ سڀني کي گذارش ڪندس ته اچو، شرڪت ڪيو ۽ لطف اندوز ٿيو. سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايٽس اينڊ بيٽس فيسٽيول سان شهر جي رونقن ۾ اضافو ٿيندو، ڪراچي ۾ کاڌي پيتي جي شين جو ميلو لڳايو ويو آهي هن ميلي ۾ صرف ڪراچي جا شهري نه پر سموري ملڪ مان ماڻهو ايندا. هن چيو ته ڪراچي جون رونقون بحال ڪيون آهن هنن روشنين کي وڌائڻو پوندو.هن چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي جنهن کي پورو ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته نگران حڪومت پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندي ٽن مهينن ۾ حڪومت ڇڏيندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته تعميراتي نقشن تي پابندي عارضي آهي، اميد آهي ته نگران حڪومت جلد پابندي هٽائيندي. هن چيو ته اميد آهي ته 90 ڏينهن اندر ئي تڪبندين ۽ ٻين اليڪشن جي معاملن کي مڪمل ڪيو ويندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته نگران حڪومت مان بهتر اميدون رکڻ گهرجن. بجلي جا بل گنجائش کان وڌيڪ اچن ٿا جيڪي عوام جي وس کان ٻاهر آهن انهن بلن کي گهٽايو وڃي ۽ قانون کي هٿ ۾ نه کنيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جو وفد اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو جڏهن ته وفد ۾ نويد قمر ، قمرزمان ڪائره ۽ مراد علي شاهه شامل آهن ۽ اسان کي پوري اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن اسان جون تجويزون ضرور مڃيندي ، جيڪڏهن سيٽون وڌائڻيون آهن ته آبادي جي لحاظ کان ڊي ليميٽيشن ضروري آهي، اليڪشن ڪميشن ڊسمبر جو پلان ڏنو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسان صحافي دوستن ۽ شهيدن جي خاندانن لاءِ به ڪميٽي جوڙي آهي، گرفتاريون پڻ ڪيون ويون آهن، ملوث جوابدارن کي سزا ڏني ويندي. هن چيو ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته سينسز جو سيٽن تي ڪو به اثر نه پوندو، اليڪشن ڪميشن جي پلان کانپوءِ اسان جو وفد اليڪشن ڪميشن سان ملندو ۽ اسان جي نقطي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي اڳوڻي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سکر ۾ صحافي جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي، جان محمد مهر جي شهادت تي ڏک آهي. هن چيو ته آدمشماري تي اسان جي وفد وفاقي حڪومت سان ملاقات ڪئي هئي، سيٽ وڌائڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته نگران حڪومت جو وقت آهي جيڪو پنهنجو وقت پورو ڪندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جو شيڊول جو به اعلان ڪري ها ته بهتر ٿئي ها. نگران حڪومت مان سٺيون اميدون رکيون وڃن، پيپلز پارٽي سي اي سي اجلاس ۾ خدشن جو اظهار ڪيو ويو. پهريان 7 ڊي ايم سيز هيون، هاڻي 25 ٽائون آهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٽرانزيڪشن جو مدو هلي رهيو آهي، هڪ هفتي ۾ سموريون ڪارپوريشنز ٺهي وينديون ، ٽرانزيڪشن جي مدي کانپوءِ سمورن ٽائون چيئرمينن کي اختيار ملندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو