راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ٻڌايو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي سزا ٻڌائي وئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پهرين مرحلي ۾ 25 جوابدارن کي سزائون ڏنيون.پاڪ فوج جي ترجمان موجب 9 مئي تي تشدد جا واقعا پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو باب آهن، جوابدارن خلاف ناقابل ترديد ثبوت گڏ ڪيا ويا.
جناح هائوس حملي ڪيس ۾ سزا ملندڙجوابدارن جا نالا
جان محمد خان کي 10 سال سخت پورهئي جي سزا
محمد عمران محبوب کي 10 سال سخت پورهئي قيد جي سزا
علي شان کي 10 سال سخت پورهئي قيد جي سزا
دائود خان کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد
فهيم حيدر کي 6 سال سخت پورهئي قيد جي سزا
محمد حاشر کي 6 سال سخت پورهئي سان قيد
محمد عاشق کي 4 سال سخت پورهئي جي سزا
پنجاب رجمينٽل سينٽر مردان
رحمت الله کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد
ياسر نواز کي 2 سال سخت پورهئي قيد جي سزا
پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ڪيس ۾ سزا
انور خان کي 10 سال سخت پورهئي جي سزا
بابر جمال کي 10 سال سخت پورهئي قيد جي سزا
بنون ڪينٽ حملي ڪيس ۾ سزا
محمد آفاق کي 9 سال سخت پورهئي سان قيد
چڪدرا قلعي حملي ڪيس ۾ سزا
دائود خان کي 7 سال سخت پورهئي سان قيد
ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ تي حملي ڪيس ۾ سزا
زاهد خان کي 4 سال سخت پورهئي جي سزا
خرم شهزاد کي 3 سال سخت پورهئي قيد جي سزا
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ سزا
عمر فاروق کي 10 سال قيد جي سزا
9 مئي جو فيصلو قوم کي انصاف جي فراهمي ۾ اهم سنگ ميل آهي: آءِ ايس پي آر
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻين جوابدارن جي سزا جو اعلان ڪيو پيو وڃي جيئن ئي سندن قانوني عمل مڪمل ٿيندو. 9 مئي جي سزا قوم کي انصاف جي فراهمي ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي جوابدارن خلاف دهشتگردي جي مختلف عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته 9 مئي 2023 تي قوم سياسي بنيادن تي تشدد ۽ آتش زني جا افسوسناڪ واقعا ڏٺا. 9 مئي جو پرتشدد واقعو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي،سياسي پروپيگينڊا ،ڪوڙ جو شڪار ڪوڙ جو شڪار ٿين ٿا ته هو مستقبل ۾ قانون کي هٿ ۾ نه وٺن.
سچو معني ۾ انصاف ان وقت ٿيندو جڏهن 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سازش ڪندڙن کي قانون موجب سزا ملندي: آءِ ايس پي آر
آءِ ايس پي آر موجب مڪمل انصاف تڏهن ٿيندو جڏهن 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سازش ڪندڙن کي آئين ۽ قانون موجب سزا ملندي. پاڪستان جي رياست 9 مئي جي واقعن ۾ مڪمل انصاف فراهم ڪندي رياست جي سالميت کي يقيني بڻائيندي.9 مئي جي ٽرائل ۾ انصاف فراهم ڪري تشدد تي ٻڌل گمراهه ڪندڙ سياست کي دفن ڪيو ويندو.9 مئي تي انصاف نفرت، تقسيم ۽ بي بنياد پروپئگنڊا جي نفي ڪري ٿو. سڀني سزا يافته مجرمن کي آئين ۽ قانون تحت اپيل ۽ ٻين قانوني ڪارروائي جو حق حاصل آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته هٿياربند فوج جي تنصيبات تي منظم انداز ۾ حملو ڪيو ويو ۽ نفرت، ڪوڙ، سياسي بيان جي بنياد تي بي حرمتي ڪئي وئي، تشدد جا اهي واقعا پوري قوم لاءِ سخت صدمو آهن. 9 مئي جو واقعو ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته سياسي دهشتگردي ذريعي ڪنهن کي به پنهنجي مرضي ٻين تي مسلط ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.ڪاري ڏينهن کان پوءِ سمورن ثبوتن ۽ واقعن جي چڱيءَ ريت جاچ ڪئي وئي، جوابدارن خلاف ناقابل ترديد ثبوت گڏ ڪيا ويا، ڪجهه ڪيسن کي قانون موجب فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل حوالي ڪيو ويو ۽ مناسب ڪارروائي بعد ٽرائل ٿيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته 13 ڊسمبر 2024 تي سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ التوا واري ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. اهي سزائون سمورن ثبوتن جي جانچ ۽ قانوني عمل جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڏنيون وينديون آهن. سزا يافته جوابدارن کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جا سمورا قانوني حق فراهم ڪيا ويا.










