9 مئي وارا وفاق ۾ قبول ناھن پر صوبي ۾ آھن، ايمل ولي

پشاور(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر امل ولي خان چيو آهي ته 9 مئي جا جوابدار وفاق ۾ نه پر خيبرپختونخواهه ۾ قبول آهن.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ايمل ولي چيو ته 9 مئي جو اصل جوابدار اڄ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير آهي، جيڪڏهن پرتشدد واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته اهڙا واقعا 999 ڀيرا ٿيندا.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سان ڪير به ڳالهين لاءِ تيار ناهي، هو ڪميٽيون ٺاهي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو