9 مئي وارا هاڻ فوج سان ڳالهين جا بيان ڏئي رهيا آهن: خواجه

سيالڪوٽ: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 9 مئي تي حملو ڪندڙ هاڻ چون ٿا ته فوج سان ڳالهيون ڪنداسين.سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته 3 پارٽين سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، اسان جا ته 18 مهينن کان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، سليڪٽڊ ڳالهيون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون.هن چيو ته ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي ضرورت آهي. غلامي نامنظور جا نعرا لڳائيندڙن ڳالهين لاءِ ر ڪني ڪميٽي به ٺاهي ڇڏي، انهن کي هاڻ خبر پئي ته سياسي معاملا ڳالهين سان حل ٿيندا آهن، 9 مئي تي ريڊ لائن ڪراس ڪئي وئي، پي ٽي آءِ عدم اعتماد جي ڪاوڙ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪري ڪڍي، پي ٽي آءِ هميشه منفي سياست ڪئي. خواجه آصف چيو ته اڃان ته شروعات آهي، اڃان گهڻو ڪجهه سامهون ايندو، پي ٽي آءِ باني وقت جي حوالي سان چورن وڪرو ڪندو آهي، پي ٽي آءِ باني جا بيان ڪابه اهميت نٿا رکن، سڀني جو احتساب ٿيندو ۽ آئين قانون جي تحت ٿيندو.دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني پارٽي جا معاملا وڪيلن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيا آهن. ملڪ جي اثاثن تي حملو ڪندڙ هاڻ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو چئي رهيا آهن، سياست ۾ ڳالهين جا دروازا هميشه کليل رکڻ گهرجن. اسيمبلي ۾ به 9 مئي جي حوالي سان اجلاس گهرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو