9 مئي سانحو، ڪابينا ڪميٽي قائم، قانون وارو وزير سربراهه مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي هدايت تي 9 مئي سانحي بابت ڪابينا ڪميٽي قائم ڪئي وئي.ڪابينا ڊويزن ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڪابينا ڪميٽي جي صدارت نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪندو.نوٽيفڪيشن موجب ڪابينا ڪميٽي 14 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.ڪميٽي 9 مئي 2023ع جي واقعن جو جائزو وٺندي، ڪميٽي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام سميت سفارشون پيش ڪندي.ڪابينا ڪميٽي 9 مئي جي واقعن جي سببن جي جاچ ڪندي ۽ 9 مئي جي واقعن جي ماسٽر مائينڊن، پلانرز، سهولتڪارن ۽ عمل ڪندڙن جو پتو لڳائيندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي 9 مئي جي فوري ۽ ڊگهي مدي واري اثر جو جائزو وٺندي، گهرو معاملن واري وزارت ڪابينا ڪميٽي کي سيڪريٽريٽ جي مدد فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو