9 مئي جي ڪيسن ۾ فواد چوڌري کان جاچ جو فيصلو

لاھور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کان 9 مئي ڪيس جي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري کان جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ جاچ ڪئي ويندي، اڳوڻي وفاقي وزير سمورن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري کان ڪجهه ڪيسن ۾ جاچ ناهي ڪئي وئي، ان کان سرور روڊ ٿاڻي جي ٻن ڪيسن ۾ جاچ ڪئي ويندي.اختيارين جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري خلاف ماڊل ٽائون سانحي ۾ داخل ڪيس جي جاچ ڪئي ويندي، اڳوڻي وزير خلاف داخل ڪيسن ۽ جاچ جي تفصيلن جو جائزو ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو