ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اقليتي معاملن واري وزير گيان چند ايسراڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ اقليتي معاملن جي تحت جاري 850 اسڪيمن مان تقريبا 70 سيڪڙو اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ باقي اسڪيمون به جلد مڪمل ڪيون وينديون، جڏهن ته وڌيڪ 1 کان 2 ڪروڙ روپين جي لاڳت جي ڪيترن ئي اسڪيمون اي ڊي پي ۾ رکيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسٽيل ٽائون ۾ ڪرشنا مندر جي ست سنگ هال ۽ چار ديوارن جي تعميراتي ڪم جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي منارٽي ونگ جي نائب صدرمکي اوڌامل ۽ مقامي ماٻهن جو وڏو انگ موجود هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي گيان چند ايسراڻي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اقليتي برادري سان دلي همدردي آهي ۽ هن جي خاص هدايتن تي سڄي سنڌ ۾ اقليتي برادري جي ڀلائي لاءِ مختلف منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جو ڪو به مستقبل ناهي ۽ ملڪ دشمنن جي سياست ۾ ڪا به جاءِ ناهي هوندي، 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب مٽائڻ ۽ شادي ڪرڻ بابت هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته ان عمل کي روڪڻ جي لاءِ سنڌ واحد صوبو جنهن جي اسيمبلي هڪ بل پاس ڪيو جنهن تي وڌيڪ ڪم هلندڙ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير گيان چند ارسراڻي چيو ته اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ مستحق شاگردياڻين جي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ اقليتي معاملن واري کاتي پاران مختلف منصوبا تيار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انهن ڇوڪرين لاءِ هاسٽل جي اڏاوت جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ هميشه اقليتي برادري جي ڀلائي جا ڪم ٿيا آهن ۽ پيپلز پارٽي مستقبل ۾ به ڪندي رهندي، ان کان علاوه سنڌ جي اقليتي معاملن واري وزير گيان چند ايسراڻي ضلعي ڪيماڙي ۾ اقليتي معاملن واري کاتي پاران اقليتي برادري جي لاءِ ست سنگ هال/ڪميونٽي سينٽر ۽ گرو ارجن صاحب گردوارا جي تعميراتي ڪمن جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مکي اوڌا مل، ڪريم آسڪاڻي، دلدار مري ۽ علائقي واسين جو وڏو انگ پڻ موجود هو، ان کان اڳ صوبائي وزير کي مڪمل ڪيل اسڪيم ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اقليتن جي حقن کي پنهنجو ايجنڊا ۾ سرفهرست رکندي آهي. هن چيو ته اقليتن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ تمام گهڻو ڪردار آهي. ان موقعي تي اتي موجود هندو ۽ سک برادري اسڪيم مڪمل ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو شڪريو ادا ڪيو. آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.
