8 وڳي دڪان بند نه ٿيندا، فيصلو واپس ورتو وڃي: اجمل بلوچ

8 وڳي دڪان بند نه ٿيندا، فيصلو واپس ورتو وڃي: اجمل بلوچ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آل پاڪستان انجمن تاجران اجمل بلوچ حڪومت پاران رات 8 وڳي دڪان بند ڪرڻ جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت اهو فيصلو واپس وٺي.اجمل بلوچ چيو ته هن اونهاري ۾ رات 8 وڳي دڪان بند نه ٿيندا. هر حڪومت رات 8 وڳي دڪان بند ڪرڻ جي ناڪام مشق ڪئي آهي.هن چيو ته اونهاري جي موسم ۾ ڏينهن جي وقت ڪا به خريداري ناهي ٿيندي.اجمل بلوچ موجب اونهاري جي موسم ۾ خريداري صرف رات 8 وڳي کان رات 11 وڳي تائين ٿيندي آهي. واپاري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگي بجلي خريد ڪري ٿو.هن چيو ته توانائي بچائڻ لاءِ معاشي چرپر کي روڪڻ عقلمندي ناهي. توانائي واري وزير کي ڪاروباري نمائندن سان ويهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو