وڌيڪ 8 آءِ پيپيز سان معاهدي جي منظوري، خزاني کي 238 ارب جي بچت

وڌيڪ 8 آءِ پيپيز سان معاهدي جي منظوري، خزاني کي 238 ارب جي بچت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 8 انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آئي پي پيز) سان سيٽلمينٽ معاهدن جي منظوري ڏني وئي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 8 آءِ پي پيز سان معاهدن جي منظوري ڏني وئي.بيان موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا سان رابطو ڪندي انهن آءِ پي پيز کان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ۽ آءِ پي پيز سان معاهدن کانپوءِ عام صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي.وفاقي ڪابينا چيو ته آءِ پي پيز معاهدن سان قومي خزاني کي 238 ارب رپين جو فائدو ٿيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 8 آءِ پي پيز ۾ جي ڊي ڊبليو يونٽ ون، يونٽ 2، آر آءِ ڪي ملز، چنيوٽ پاور، حمزه شوگر، الميز انڊسٽريز، ٺل انڊسٽريز ۽ چنار انڊسٽريز شامل آهن.وزيراعظم چيو ته حڪومت عام ماڻهو لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، هر فيصلي ۽ اقدام ۾ قومي مفاد کي اوليت ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ خانگي شعبي ۽ صنعتن جو فروغ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو