ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري جو سج بلاول ڀٽو جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي فتح تي عوام جو ٿورو ادا ڪندي پارٽي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي دل ڪراچي به جيئي ڀٽو جو نعرو لڳائي ڇڏيو. مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد جي ڪاميابي ڪراچي جي مخالفن لاءِ خاص پيغام آهي.اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي جو هر ڪارڪن شهيد بينظير ڀٽو جو سفير بڻجي چونڊ مهم شروع ڪندو، 8 فيبروري جو سج بلاول ڀٽو زرداري جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو. عوام جي پريشانين جا ڏينهن ٿورا رهجي ويا آهن. پ پ عوامي پريشانين کي ختم ڪندي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ جيالي اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر مرتضيٰ وهاب، سلمان عبدالله مراد ۽ ڊپي ميئر سکر ارشد مغل کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ڏئي ڇڏي آهي.عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هاڻ انشاءَالله 8 فيبروري تي به پاڪستان پيپلز پارٽي جي سوڀ يقيني آهي.










