عام چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءَ منظور،نگران حڪومت جي مخالفت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.سينيٽر دلاور خان عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر علائقن ۾ سخت سردي آهي، جنهن سبب انهن علائقن جو چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ مشڪل آهي.دلاور خان چيو ته جي يو آءِ ف جي ميمبرن ۽ محسن داوڙ تي به حملا ٿيا، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز تي حملا ٿيا جڏهن ته امل ولي جو به خدشو آهي.سينيٽر دلاور خان چيو ته چونڊ ريلي دوران انٽيليجنس ايجنسيون خطري جي الرٽ تي آهن.سينيٽ چيئرمين جو چوڻ آهي ته معاملا حل ٿيڻ کانسواءِ چونڊون نه ٿيڻ گهرجن، 8 فيبروري جي چونڊن جو شيڊول ملتوي ڪيو وڃي.اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ تي عمل ڪري، سينيٽ اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ڪري ٿو.مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر افنان الله قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته مان سينيٽر دلاور خان جا دليل درست ڪرڻ چاهيان ٿو. ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي پر 2008ع ۽ 2013ع ۾ صورتحال خراب هئي. جيڪڏهن اهي سيڪيورٽي جي آڙ ۾ اليڪشن ملتوي ڪندا ته پوءِ ڪڏهن به اليڪشن نه ٿيندي.افنان الله چيو ته ڇا برطانيا ۽ آمريڪا ٻي عالمي جنگ دوران اليڪشن ملتوي ڪئي، موسم کي عذر طور استعمال ڪيو ويو، فيبروري ۾ ٻه ڀيرا اليڪشن ملتوي ڪئي وئي.بعد ۾ سينيٽ سينيٽر دلاور خان پاران پيش ڪيل ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو