8 فيبروري تي اليڪشن ٿيندي، ٻي راءِ ناهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وفاقي سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته اليڪشن 8 فيبروري تي ٿيندي، ان تي ڪا ٻي راءِ ناهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جا مسئلا آهن، ان کان اڳ به حالتون خراب هيون پر چونڊن ٿيون آهن.مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان ان کان اڳ سرديءَ جي ڳالهه ڪندو هو، ڊسمبر ۾ به چونڊون ٿيون آهن، ڊسمبر فيبروري کان سرد آهي.هن چيو ته اليڪشن جي ويجهو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ هر سياسي پارٽي جي مجبوري بڻجي وئي آهي، ن ليگ کي شڪايت آهي ته اسان کي ليول پلينگ فيلڊ ناهي ملي رهيو.سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي اها به شڪايت آهي ته ان کي ليول پلينگ فيلڊ نه ملي رهي آهي، جيڪڏهن ڪا جائز شڪايت آهي ته اها ميڊيا، عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن جي فورمن تي آهي.وفاقي وزير چيو ته مسئلا حل ٿيڻ تائين معيشت جا بنياد نه ٺهندا، معيشت هڪ ڏينهن ۾ نه خراب ٿي ۽ نه هڪ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿيندي.هن اهو به چيو ته فواد حسن فواد جي بريفنگ ڏسو، شيون تيزي سان بهتر ٿي رهيون آهن، نجڪاري جي لسٽ اها آهي جيڪا گذريل حڪومت اسان کي ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو