75هون يوم آزاديءَ جي حوالي سان ڊي سي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

75هون يوم آزاديءَ جي حوالي سان ڊي سي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

ٺٽو (ن سنڌيار) ٺٽي ضلعي ۾ 14 آگسٽ تي 75هون يوم آزاديءَ جو ڏهاڙو ڊائمنڊ جوبلي طور ملهائڻ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ دربار هال ڊي سي آفيس مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي، 75هين يوم آزاديءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي سمورا ادارا ملڪ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪن ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪن ته جيئن نوجوانن ۾ آزادي جي اهميت ۽ پنهنجي هيروز بابت شعور پيدا ٿي سگهي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ملڪ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳايا وڃن ۽ جشن آزادي کي شاندار نموني سان ملهائڻ لاءِ اسڪولن ۽ آفيسن ۾ جشن آزادي جا پروگرام منعقد ڪرڻ سان گڏو گڏ سرڪاري عمارتن ۽ گاڏين کي قومي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريو وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، سي ايم اوز، ٽي اوز ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو 14 آگسٽ جي ڏهاڙي کان اڳ ضلعي جي خانگي ۽ سرڪاري عمارتن خاص ڪري اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائين ۽ سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر جشن آزادي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجن لاڳاپيل تعلقن ۾ تعليم، سماجي ڀلائي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن عملدارن سان گڏجاڻيون منعقد ڪن. ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تي ضلعي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڪستان جي نظريي ۽ جشن آزادي جي حوالي سان تقريري ۽ قومي گيتن جا مقابلا ڪرايا وڃن ته جيئن نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي تقريري مقابلن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي انعام، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون وينديون. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جشن آزادي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 14 آگسٽ تي ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ قوم ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائن سان ڪئي ويندي جڏهن ته مُک تقريب پوليس لائن مڪلي ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر پرچم ڪُشائي ڪندو ۽ پوليس اسڪائوٽ جو دستو سلامي پيش ڪندو. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ داخل مريضن ۽ جيل جي قيدين ۾ مٺائي ۽ فروٽ پڻ ورهايا ويندا. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد حنيف ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، رينجرز، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، صحت، تعليم، اطلاعات ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن، مختلف اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو